سيد شبير احمد شاهه

سيد شبير احمد شاهه: ضلعي نوابشاهه جي ناليواري سياستدان سيد شبير احمد شاهه جو تعلق ڳوٺ محرابپور، تعلقي سڪرنڊ سان هو. سندس والد سيد حاجي حسن بخش شاهه ورهاڱي کان اڳ ننڍي کنڊ جي سياست جو اهم ڪردار رهيو هو. سيد شبير احمد شاهه پرائمري تعليم محرابپور مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ ايڇ. ايم. خواجا هاءِ اسڪول نوابشاهه مان ڪيائين. وڌيڪ تعليم ڪراچيءَ مان ورتائين. جوانيءَ ۾ شڪار ۽ راندين جو شوقين هوندو هو، اڳتي هلي والد جي رهنمائيءَ ۾ سياست ۾ پير پاتائين. هن سياست جو آغاز 66-1965ع ڌاري ڪيو. ايوب خان جي دور ۾ پهرين بي. ڊي جي چونڊ ۾ حصو ورتائين ۽ بعد ۾ 1970ع واري اليڪشن ۾ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ لاءِ اميدوار بيٺو. هن اليڪشن ۾ کيس سوڀ حاصل ٿي، جنهن کانپوءِ 1997ع تائين چار ڀيرا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. هن پنهنجي سياسي دور ۾ نوابشاهه ضلعي جي ترقيءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. ضلعي ۾ اسڪولن ۽ اسپتالن ٺهرائڻ، روڊن، بجلي ۽ پاڻيءَ جي سهولت مهيا ڪرائڻ سندس اهم ڪم ڄاتا وڃن ٿا. هو هڪ ماهر زميندار به هو، جنهن کي زمين سنوارڻ ۽ بهتر پيداوار حاصل ڪرڻ جو چڱو تجربو هو. ڪمند جي فصل جي پوکي ۽ ان جي فائدي بابت مختلف ضلعن ۾ ذاتي خرچ تي ڪيترا ڀيرا ’شگر ڪين ڪانفرنسون‘ ڪرايائين. زرعي ماهر گهرائي زميندارن کي فصل ۽ ان جي پوکيءَ بابت ڄاڻ ڏياريندو هو. سندس ڪوششن سان الحاج علي نواز انڙ خان پنهنجي مشهور ناز باغ ۾ ڪمند متعلق ڪانفرنس گهرائي، جتي زرعي ماهرن پاران آبادگارن کي ڪمند متعلق ضروري ڄاڻ ڏني. کيس سير سفر جو گهڻو شوق هوندو هو، ان ڪري دنيا جي ڪيترن ملڪن جا سير ڪيائين. هن ٽي شاديون ڪيون، جن مان کيس ٽن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. سندس پٽ ضلعي نوابشاهه جي سياست ۾ اهم حيثيت رکن ٿا.


لفظ سيد شبير احمد شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو